آغا محمد علي

آغا محمد علي

آغا محمد علي

آغا محمد علي: ناميارو براڊ ڪاسٽر آغا محمد علي ولد آغا نواب علي 15 جولاءِ 1958ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ بي. اي (1984ع)، ايل ايل بي (سکر لاڪاليج) ۽ ايم. اي (معاشيات، 1986ع، سنڌ يونيورسٽي) جون ڊگريون حاصل ڪيون. مختلف وقتن تي روينيو، جيل کاتي ۽ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام واري کاتي ۾ نوڪريون ڪرڻ کانپوءِ 1988ع ۾ ريڊيو پروڊيوسر ٿيو. جنھن دؤران خيرپور، لاڙڪاڻي، مڪران، حيدرآباد ۽ ڪراچي ريڊيو اسٽيشنن تي رهيو. زوب، بلوچستان ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ ريڊيو پاڪستان جي سينٽرل پروڊڪشن ڪراچي جو انچارج پڻ رهيو. هن ريڊيو پاڪستان خيرپور تان غريب شاگردن لاءِ پروگرام ’جوت جلندي رهي، لاٽ ٻرندي رهي‘ نشر ڪيو، جنھن ذريعي ڪيترن غريب شاگردن کي مفت ڪتاب ۽ ڊريسون مليون. ساڳيءَ اسٽيشن تان هن جي پيش ڪيل پروگرام ’سوچ ۽ لوچ‘ کي به گهڻي مقبوليت ملي. ان پروگرام ۾ پھريون ڀيرو ريڊيو ٻڌندڙن جا انٽرويو نشر ڪيا ويا. مڪران ريڊيو تي سندس معلوماتي ۽ تفريحي پروگرام ’ڪيچ رنگ‘ گهڻو مشھور ٿيو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي هن ’لطيف رنگ‘، ’نئين سوچ‘، ’اوهان جي خدمت ۾‘، ’عوامي آواز‘، ’هڪ شعر هڪ نغمو‘ ۽ ٻيا پروگرام پيش ڪيا. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي هن موسيقيءَ جي شعبي کي ترقي وٺرائي ۽ ڪيترن ئي نون فنڪارن کي متعارف ڪرايو. ريڊيو ڪراچيءَ جي پراڻي عمارت ۾ ريڊيو فنڪارن جي آرٽ گئلري پڻ قائم ڪئي. 30 نومبر 2013ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


لفظ آغا محمد عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.07.15  عيسوي

اميارو براڊ ڪاسٽر آغا محمد علي ولد آغا نواب علي 15 جولاءِ 1958ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرل قنبر
امداد حسين
چارلس بريڊلي پرچرڊ (Charles Bradley Pritchard)
ابڙو عبدالحق
رحيم خان کوسو
ادا جعفري
آمنه حامد زبيدي
حڪيم محمد صديق مورائي
حافظ ارشد انڍڙ
حميره علواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون